پاڪستانسنڌ

سنڌ سميت چئني صوبن ۾ اڄ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان

حيدرآباد: عيد واري ڏينھن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ تيز مٽي وارين طوفاني ھوائن سان گڏ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي جي ماھرن ڄاڻايو آھي ته پاڪستان ۾ اولھه واريون ھوائون داخل ٿي ويون آھن، جنھن سبب ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊومحمدخان، حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، دادو، لاڙڪاڻو، قمبر-شھدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، سکر، گھوٽڪي، خيرپورميرس، نوابشاھه، سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آھي،.

جڏھن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي گرمي تيز جاري آھي ته ڪن علائقن ۾ سومر واري ڏينھن کان تيز گرم ھوائن جو سلسلو شروع ٿيو آھي، تيز مٽي وارين ھوائن گھلڻ جو سلسلو اڄ عيد واري ڏينھن به جاري رھندو ۽ مختلف علائقن ۾ برسات جا به امڪان آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button