پاڪستانسنڌ

نفيس نگر لڳ نامعلوم ماڻهو انب جا 15 وڻ ۽ ووئنڻ وڍي ويا

نفيس نگر: نفيس نگر لڳ ڳوٺ مجنون ٽنگڙي ۾ رات دير سان نياز ٽنگڙي جي زرعي زمين تي بيٺل انبن 15 وڻ ۽ ووڻين جو اڌ ايڪڙ نامعلوم وڍي فرار ٿي ويا، واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن نياز محمد ٽنگڙي، ممتاز ٽنگڙي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته بااثرن عظيم ٽنگڙي، ٻيڙو ٽنگڙي، خادم ٽنگڙي ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن زمين تي بيٺل انبن جا 15 وڻ ۽ ووئڻن جو پوکيل اڌ ايڪڙ وڍي ويا آهن، درخواست ڏيڻ باوجود نفيس نگر پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button