پاڪستانسنڌ

کپري جي ملاح پاڙي کي باهه، 14 گهر سڙي رک

کپرو: کپرو ۾ چلهھ مان چڻنگ اٿڻ سبب ملاح پاڙي کي باھه لڳي وئي، جنهن دوران 14 گھر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا. عظيم، عرفان، ذوالفقار، دلپسند ۽ اڪبر ملاح سميت 14 ماڻهن جي گهرن کي باهه لڳي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل اناج، سونا زيور، نياڻين جو ڏاج، هنڌ بسترا ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان سڙي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو وقت تي نه پهتو، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه تي ضابطو آندو، باهه لڳڻ دوران ماڻهو ٻارن کي وٺي رڳو جانيون بچائي سگهيا. گهر سڙڻ بعد متاثر ڳوٺاڻا عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جنهن جي اختيارين مدد ناهي ڪئي. باهه متاثرن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان کي گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button