پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

چمبڙ: چمبڙ ۾ بڪيراڻي سب ڊويزن سامھون چاڪر شاخ، ميرانکوري ۽ زئور شاخ جي آبادگارن پنجين ڏينهن به ٻن مھينن کان پاڻي نه پھچڻ خلاف چمبڙ مين ٽنڊوالھيار روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ ٽنڊوالھيار ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي صدر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي پلهھ سميت سارڪ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن ۽ سارڪ اڳواڻن مير مرتضى اوٺو، ڏاڏو بچل آريسر، اسلم لغاري، ولي محمد ٿيٻو، نھال لاشاري، شاد شاھنواز لغاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آبادگار ڪيترن ئي ڏينھن کان بک ھڙتال ڪئمپ تي ويٺل آھن، موجوده حڪومت آبادگارن جي مسئلي تي ڪو به سنجيده نوٽيس ناھي ورتو، زمينون ته پري جي ڳالهھ آھي، پر ھنن مسڪين ماروئڙن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا ڀوتارن جي ونگار وھندي آبادگارن کي ھيسائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، آبادگارن جي ڪنھن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته جلد آبادگارن کي پاڻي رسائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button