پاڪستانسنڌ

ڪڙيوگھنور ۾ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ڪڙيوگھنور: ڪڙيوگھنور ۾ سرسبز رائيس ملز جي ويجھو تيزرفتار موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪڙيوگهنور ويجھو ڳوٺ نواب نظاماڻي جو رھواسي 28 ورھين جو نوجوان مشتاق پٽ نواز خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار معشوق پٽ پوڙھو ماڇي شديد زخمي ٿي پيو.

جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ھو زخمن جي سٽ نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، ڪڙيوگھنور پوليس ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا، ڪڙيوگھنور پوليس موٽرسائيڪل ۽ رڪشا کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button