پاڪستانسنڌ

14 سالن کان ڪرپٽ ماڻھن جو سنڌ جي اقتدار تي قبضو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ باشعور، وطن دوست ۽ عوام دوست ماڻھو حقيقي عوامي نمائندگي لا اڳيان اچن، مڊل ڪلاس جا ماڻھو، سنڌ دوست، عوام دوست ماڻھو ڪرپٽ مافيا جو حصو ٿيڻ بدران انھن سان مقابلو ڪن، اياز لطيف پليجي چيو ته 14 سالن کان ڪرپٽ ماڻھن جو سنڌ جي اقتدار تي قبضو آھي، اھي ھر دفعي پئسي جي طاقت تي اليڪشن مينيج ڪري اقتدار ۾ اچي عوام جي دولت تي ڌاڙا ھڻن ٿا.

بلدياتي نظام ذريعي ڳوٺن، ڪالونين ۽ شھرن کي ڊرينيج، رستا، پاڻي، پارڪ ۽ گھٽيون ٺاھي ڏيڻ بدران اربين روپيا لٽي کائي ويا آھن، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ بنيادي انساني سھولتن کان محروم آھي، گٽرن جا ڍڪ کائي ويا، ڪچرو صاف ڪرڻ جي بجيٽ کائي ويا، ناليون، گھٽيون، نلڪن ۽ ٻين بنيادي سھولتن جا پئسا ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ھڙپ ڪري ويا، سڄي بيورو ڪريسي کي ڪرپٽ بنائي، ان سان ملي ڀڳت ڪري پئسا کائي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button