ڀٽ شاهه: درگاهه ڀٽائي عام زائرين لا کلي وئي، شهرين ۽ زائرين پاران خوشي ۾ مٺايون ورهايون ويون، ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ درگاهه 24 ڪلاڪ عام زائرين لا کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي مٽياري صحافين سان ڳالهائيندي اهڙي حڪم جي تصديق ڪري ڇڏي، جنهن بعد پانڌيئڙن ۽ شهرين ۾ خوشي جي لهر ڦهلجي وئي آهي. ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ چيو ته درگاهه جا در عام زائرين لا اڳ جيان هاڻي 24 ڪلاڪ کليل هوندا، هاڻي زائرين درگاهه تي شاهه جو راڳ به سڪون سان ٻڌي سگهندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close