پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ 60 سيڪڙو پاڻي کوٽ برقرار، 80 هزار بدران 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملڻ لڳو

حيدرآباد(رپورٽ: راشد لغاري) سنڌ ۾ گڊو ڊائون، روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 60 سيڪڙو کوٽ برقرار آهي. سنڌ ارسا کان 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گهر ڪئي ئي، جنهن ۾ هن وقت تائين 32 هزار ڪيوسڪ ڏنو پيو وڃي. مليل ڄاڻ موجب سنڌ کي زرعي پوکائي ۽ پيئڻ لا پاڻي نه مليو آهي. جڏهن ته هن وقت گرمي پد وڌڻ سان تربيلا کان سنڌو دريا ۾ پاڻي اچڻ شروع ٿي ويو آهي. چشما لنڪ ڪئنال تي 50 هزار ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي اسٽوريج ڪيو پيو وڃي. آبپاشي کاتي جي ماهرن ٻڌايو آهي ته چشما لنڪ تي روزانو 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي جمع ڪيو پيو وڃي، اهو پاڻي سنڌ ۾ ڇڏيو وڃي ته گڊو بئراج کي گهربل پاڻي ملي ويندو. هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ موجود آهي. پاڻي نه هجڻ جي ڪري سکر، نارا ۽ ڪوٽڙي بئراج تي ووئنڻ جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي.

جڏهن ته ڪالهه تائين گڊو ڊائون ۾ 32 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جتي گهرج 80 هزار ڪيوسڪ آهي. اهڙي ريت روهڙي ۽ نارا ڪئنال تي ساڍا 9 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 5 هزار 2 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي الوڪيشن رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جيڪو پاڻي تمام گهٽ آهي. جتي 13 کان 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي ٻڌايو ته سنڌ ۾ پاڻي جي 60 سيڪڙو کوٽ موجود آهي. اسان کي 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهرجي. جيڪو نه پيو ملي. هن چيو ته ڦٽي جو سيزن نڪري وئي آهي. هاڻي مئي ۾ سارين جي پوکائي لا به پاڻي ناهي. کوٽ برقرار رهي ته پوکائي متاثر ٿيندي. هن ٻڌايو ته ڪوٽڙي تي ساڍا 5 هزار ڪيوسڪ مان ڪراچي کي 13 سئو ڪيوسڪ پاڻي پيئڻ لا ڏيون پيا، لطيف آباد پمپ لا سنڌو دريا ۾ روزانو اڍائي سئو پاڻي ڇڏيو ويندو آهي.

15 سئو ڪيوسڪ ڦليلي، 900 ڪيوسڪ پنڃاري ۽ 15 سئو ڪيوسڪ ڪي بي فيڊر ۽ اڪرم واهه کي ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته گڊو لا چشما لنڪ کان پاڻي ڇڏيو ويو آهي. جنهن پاڻي کي بئراجن ۾ پهچڻ لا 15 ڏينهن لڳي ويندا. عام حالتن ۾ 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو آهي. بئراجن جي ڊزائن 16 هزار ڪيوسڪ جي پاڻي جي آهي، پاڻي چشما لنڪ تي جمع نه ڪيو وڃي ته هتي پاڻي جلدي پهچي ويندو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي. جڏهن ته مئي مهيني ۾ سکر رائيٽ تي ۽ ڪوٽڙي بئراج تي سارين جي پوکائي ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته لطيف آباد وٽ سنڌو دريا ۾ پاڻي ڇڏڻ لا جيڪي 250 ڪيوسڪ ڏيندا آهيون، ان لا ڪمشنر کي لکيو آهي ته ان پاڻي لا متبادل ڳوليو وڃي. جيئن اهو پاڻي اسان ڪئنال ۾ ماڻهن کي پوکائي لا ڏئي سگهون، حيدرآباد کي ڦليلي ۽ پنڃاري مان پاڻي پيئڻ لا ڏنو ويندو آهي. هن وقت پاڻي رڳو پيئڻ لا بچيو آهي، پوکائي لا پاڻي موجود ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button