پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ جر جي پاڻي جو استعمال وڌي ويو،گھٽ استعمال ڪريو:صوبائي وزير جو مشورو

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران دريائي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ جر جو پاڻي تيزي سان ڪڍڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ماحوليات کاتي واري صوبائي وزير اسماعيل راھو سنڌ جي عوام کي جر جو پاڻي گھٽ استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آھي ته سنڌ جي عوام کي اپيل آھي ته جر جو پاڻي ضرورت مطابق استعمال ڪن. عمران خان جي گذريل 4 سالن دور ۾ سنڌ کي دريائي پاڻي گهٽ ملڻ جي ڪري جر جي پاڻي جي پمپنگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي آھي. دريائي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ جر جي پاڻي جي پمپنگ تيزي سان وڌڻ تي ڳڻتي آھي. اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته بي پناهھ مھانگائي سبب جر جي پمپنگ تي خرچي ۾ به تمام گھڻي واڌ ٿي آھي. گذريل 4 سالن ۾ فصلن جي پيدا واري لاڳت ۾ به 3 ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آھي. پاڻي جي مسلسل گھٽتائي سبب سنڌ جو زير زمين پاڻي ته ناقابل استعمال بڻجي چڪو آھي، جنھن سان ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي ۾ تمام گھڻي واڌ ٿي آھي. ھن چيو ته ھن تبديلي سان انساني، آبي جانورن ۽ پکين جي زندگي تي به منفي اثر پيا آھن، جر جي پاڻي پمپ ڪرڻ سان خدشو آھي ته مستقبل ۾ سنڌ جي ڪجهھ وڌيڪ علائقن ۾ مٺو پاڻي کاري پاڻي ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو، جنھن سان سنڌ جي زرخيز زمين متاثر ٿي سگھي ٿي ۽ فصل جي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿي سگھي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button