نئون ڪوٽ :ڏيپلو جي صحافي رياض بجير کي پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي انجنيئر طرفان مبينا ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پريس ڪلب نئون ڪوٽ جي صحافين عمر ساگر لاشاري، اقبال قائمخاني، ايوب جوڻيجو، عبدالرشيد شورو، معشوق نھڙيو، سنتوش ڪمار، نويد بجير ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي صحافين ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته عيد ڏهاڙي ڏيپلو کي پاڻي کان محروم رکڻ واري خبر شايع ڪرڻ تي پبلڪ هيلٿ کاتو پنھنجي ذميواري ادا ڪرڻ بجاءِ صحافي کي ڌمڪيون ڏيڻ شرمناڪ عمل آهي. اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته انجنيئر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close