اسلام آبادپاڪستان

پيپلزپارٽي کي راضي ڪرڻ لا پنجاب جو پاڻي سنڌ کي ڏنو پيو وڃي:فواد چوڌري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي راضي ڪرڻ لا پنجاب جو پاڻي سنڌ کي ڏنو پيو وڃي. پنجاب ۾ پاڻي جو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي. پاڻي بحران سبب پنجاب ۾ فصل متاثر ٿيندا. پنجاب ۾ فلور مل چئي ڇڏيو آهي ته مارڪيٽ کان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون. سياسي بحران جي ڪري ڪڻڪ جي خريداري ڊانوان ڊول ٿي وئي آهي. ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ جي ڪري اٽي جو بحران ٿيندو. پاڪستان مٿان هڪ اقليت نمبرز تي ٻڌل حڪومت قائم آهي. 20 مئي کان اڳ موجوده حڪومت فارغ ٿي ويندي. اقتدار جو فيصلو عوام چونڊن جي ذريعي ڪندو. 20 کان 29 مئي جي وچ جي تاريخ ۾ لانگ مارچ جو اعلان ٿيندو. اسلام آباد طرف جيڪو ريلو وڌندو اهو ڪنهن نه ڏٺو هوندو. اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نٿو ڪرائي سگهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر استيعفا ڏئي ڇڏي. ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پيپلزپارٽي جي چوڻ تي پنجاب جو پاڻي سنڌ کي ڏنو پيو وڃي. عمران خان لانگ مارچ جي آخري تاريخ جو اعلان ڪندو. هن چيو ته لوٽن جا ڪيس شيطان وانگر آهن ختم ئي نه پيا ٿين. نام نهاد پنجاب جي حڪومت کي ڪو تسليم نٿو ڪري، پنجاب ۾ قائم حڪومت عارضي آهي. فواد چوڌري چيو ته پنجاب ۾ پرائم منسٽر حڪومت هلي رهي آهي، سڀ کان وڏو صوبو انتظامي بحران جي ور چڙهيل آهي. هن چيو ته پنجاب جي 25 ميمبرن ووٽ ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن کي پنجاب جي 25 ميمبرن کي گهرائڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن ڪيس کي سنجيدگي سان نه پيو وٺي. پنجاب ۾ هن وقت ڪابه حڪومت نه آهي. اڳوڻي وزير چيو ته 25 ميمبرن کي ڊس ڪوائليفاءِ ڪيو وڃي ته حڪومت ختم ٿي ويندي. اليڪشن ڪميشن سڀاڻي 26 ميمبرن جو رڪارڊ گهرائي، جيڪڏهن هي 25 ميمبر گهر هليا وڃن ٿا ته ڪنهن وٽ 186 ميمبر نه رهندا. هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ حڪومت ڪچي ڌاڳي سان ٻڌل آهي. اليڪشن ڪميشن کي شنوائي سڀاڻي کان ئي شروع ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته هن معاملي ۾ حتمي فيصلو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button