پاڪستانسنڌ

ميهڙ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن مرڻينگ

ميھڙ: ميھڙ ڀرسان ڳوٺ لونگ مھيسر ۾ زرعي زمين جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڏاٽا ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب پيرسن موريل مھيسر مرڻينگ ٿي پيو، جنهن خلاف وارثن جوابدارن جي گرفتاري لا ميھڙ ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي حبيب الله مھيسر، اقبال مھيسر، راستي مھيسر ۽ ٻين چيو ته جوابدار حسين مھيسر، نظر مھيسر، شاھد مھيسر ۽ ٻين بااثر عطا محمد مھيسر جي بڇ تي حملو ڪري پيرسن موريل مھيسر کي ڏنڊا ۽ ڏاٽا ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي، ڊاڪٽرن زخمي پيرسن کي نازڪ حالت ھجڻ ڪري ڪراچي کڻي وڃڻ جو چيو آھي، جھيڙي جي قاضي عارف ۽ ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. ھنن ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button