پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي ريلي

شهدادپور: شھدادپور جي لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن لطيف پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عبدالغفور بروھي، خداد داد بروهي، ايڊووڪيٽ غلام مصطفى سومرو، نظير احمد بروهي، ايڊووڪيٽ فياض خاصخيلي، غلام علي بروهي، ايڊووڪيٽ راڻا طاهر ۽ ٻين چيو ته لنڊو شاخ تي ايس ڊي او شھدادپور زاهد ميمڻ بااثر منڍ جي زميندارن سان ملي ڀڳت ڪري لفٽ مشينون ۽ دڪا لڳائي پاڻي چوري ڪرائي رهيو آهي، ايس ڊي او بااثر زميندارن کي پاڻي چوري جي ڇوٽ ڏني آهي، جنهن سبب پڇڙي جي 16 کان وڌيڪ واٽر ڪورسن تي ڪتي جي فصلن جي پوکي نه ٿي سگهي آھي، هن وقت حالت اها آھي ته آبادگار پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن، پاڻي نه هجڻ سبب ووئنڻن جا فصل تباھه ۽ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. هنن ٻڌايو ته لنڊو شاخ جي پڇڙي ۾ پيئڻ لا به پاڻي ناهي. هنن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي چوري ۾ ملوث بااثر ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button