پاڪستانسنڌ

پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، سنڌو درياهه تي پاڻي جو حق سنڌين جو آهي، پنجاب غيرقانوني ڪئنال هلائي پاڻي غيرقانوني کڻي رهيو آهي، اهڙي قبضي کي رد ڪيون ٿا.

سنڌ هاري ڪاميٽي پاڻي کوٽ جو ذميوار سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کي سمجهي ٿي، گڏيل طور تي سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا هاري آبادگار پورهيت متحد ٿين. سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڻي جي کوٽ 60 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي، اڌ سنڌ ۾ پيئڻ لا به پاڻي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button