پاڪستانسنڌ

کورواهه ۾ ڪانٽن ۾ هيراڦيري ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ جو احتجاج

کورواهه: کورواهه ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي واپارين پاران ڪٽوتي ۽ ڪانٽن ۾ هيراڦيري ڪرڻ خلاف احمد خان رند، خليل درس، دودو لاشاري، هاشم خاصخيلي، آصف لاشاري، ڌڻي بخش نوحاڻي ۽ عبدالڪريم لوهار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته شھر ۾ واپارين جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت سان ڪانٽن ۾ هيراڦيري ڪري آبادگارن کي ماپ تور ۽ غيرقانوني ڪٽوتين ۾ لکين روپين جو نقصان رسايو ويو آھي، هنن چيو ته آبادگارن سان لکين روپين جو فراڊ ڪندڙ سيٺ پورن مل، پرڪاش ۽ دليپ خلاف ايف آ آر درج ٿيل آھي، جڏھن ته پوليس گرفتار ڪري کين شخصي ضمانت تي ڇڏي ڏنو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته تور ۾ فراڊ ڪندڙ واپاري گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button