پاڪستانسنڌ

گھوڙاٻاري ۽ ساڪرو کي 12 ۽ ٺٽي کي 8 ڏينھن پاڻي ڏيڻ جو فيصلو، ڊي سي آفيس ۾ سيل قائم

ٺٽو: ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ آبپاشي کاتي جي انتظامي نااھلي خلاف 2 ڏينهن اڳ لڳايل ڌرڻي بعد ڪالهه ڊي سي آفيس ٺٽو جي دربار ھال ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. جنھن ۾ وڏي وزير جي خاص مددگار رياض شاھه شيرازي، ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري، آبپاشي، پبلڪ ھيلٿ، ميونسپل، ٽائون ڪميٽيز جي عملدارن، آبادگارن، سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن، شھرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، انتظامي نااھلي ۽ ٻين ڪوتاھين جي نشاندھي ڪئي وئي. ساڪري سب ڊويزن جي آبادگارن پاران پاڻي جي چوري، ناجائز دڪن جون شڪايتون ڪيون ويون.

اجلاس ۾ ڊي سي ٺٽو ڳالھائيندي چيو ته پاڻي جو شديد بحران آھي، سڄي سنڌ ۾ اھا ئي صورتحال آھي پر جيڪو پاڻي ٺٽي کي ملي رھيو آھي ان جي ورھاست کي شفاف بڻايو وڃي. ايم پي اي رياض شاھه شيرازي چيو ته اھا حقيقت آھي ته ماڻھو پاڻي لاءِ پريشان آھن، پاڻي جي کوٽ آھي پر پاڻي جي ورھاست شفاف ناھي. ماڻھو شوق ۾ احتجاج نه پيا ڪن پر مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آھن. اجلاس ۾ آبادگار اڳواڻن حنيف سومرو، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھه، پريس ڪلب ٺٽي جي صدر اقبال جاکرو، نظير جاکرو، پورھيت مزاحمت جي لطف علي ھالو، حاجي غلام مصطفيٰ جاکرو، حاجي خير محمد بروھي ۽ ٻين موقف اختيار ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران آھي، ماڻھو سخت پريشان حال بڻيل آھن، مڃون ٿا ته پاڻي جي شديد کوٽ آھي پر جيڪو پاڻي ملي رھيو آھي، ان جي ورھاست کي شفاف بڻايو وڃي. اسان جي احتجاجي ڌرڻي جو اھو مقصد نه ھو ته فلاڻي ايس ڊي او يا داروغي کي ھٽايو وڃي پر اسان چاھيون ٿا جيڪا نظام جي خرابي آھي انتظامي غفلت آھي، ان کي درست ڪيو وڃي. ٺٽي ۽ مڪلي کي پيئڻ جو پاڻي مستقل بنيادن تي ڪينجھر ڍنڍ مان ڏنو وڃي، جنھن جي لاءِ عملي طور پيش رفت ڪئي وڃي ۽ وارابندي شفاف ۽ برابري جي بنيادن تي ڪئي وڃي. سب ڊويزن ٺٽي کي گذريل 2 مھينن کان پاڻي نه ملي رھيو آھي جيڪو سراسر ظلم آھي، چوپايو مال، انساني آبادي ۽ آبي جيوت پاڻي لاءِ تڙپي رھي آھي، زراعت مڪمل تباھه ٿي وئي آھي، پاڻي جي کوٽ سبب انساني اليمو جنم وٺي سگھي ٿو. بک بدحالي ۽ بيروزگاري گَھر ڪري وئي آھي، ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن، اھا صورتحال رھي ته حالتون اڃان وڌيڪ خراب ٿي سگھن ٿيون.

جنھن تي ڊي سي ٺٽو پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪندي اھا ڳالھه تسليم ڪئي ته صورتحال واقعي ئي خراب آھي، پاڻي جي ورھاست کي شفاف بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيو ويندو، اڄ کان ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊي سي آفيس ۾ سيل قائم ڪيون ٿا، جيڪو سموري صورتحال کي مانيٽر ڪندو ۽ ھڪڙي ڪميٽي پڻ جوڙي ويندي جنھن ۾ آفيسر، آبادگار، سياسي، سماجي ڌريون ۽ صحافين کي به شامل ڪيو ويندو. پاڻي چوري ۽ ناجائز دڪن خلاف پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪو پاڻي چوري ۾ ملوث ھوندو. ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. جنھن به آفيسر کي ڪم ناھي ڪرڻو اھو ڀلي ھتان کان بدلي ڪرائي وڃي. اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن اي سي سھيل حميد بلوچ، رحيم قريشي ۽ عديل شاهھ بريفنگ ڏيندي چيو ته سکر بئراج تي ھن وقت اپ 28 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڊائون ۾ 9 ھزار ڪيوسڪ پاڻي آھي، جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج تي 4900 ڪيوسڪ پاڻي آھي، پاڻي جي شديد کوٽ آھي، ٺٽي کي 6 ڏينھن ۽ گھوڙاٻاري ۽ ساڪرو کي 12 ڏينھن پاڻي ڏنو ويندو.

جنھن تي شديد احتجاج ڪندي اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته اھا روٽيشن قبول ناھي، ٺٽي کي گھٽ ۾ گھٽ 10 ڏينھن جو پاڻي ڏنو وڃي، ھي ته ھٿرادو انگ اکر پيش ڪري لالي پاپ ڏنو پيو وڃي، جيڪڏھن احتساب ڪرڻو آھي ته سڀني جو ڪريو ۽ برابري جي بنيادي تي ڪريو، ڪنھن مسڪين کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي جاگيردارن ۽ بااثرن کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گھوڙاٻاري ۽ ساڪرو کي 12 ڏينھن جڏھن ته ٺٽي کي 8 ڏينھن پاڻي ڏنو ويندو، ارسا پاران 60 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنھن کي پھچڻ ۾ ڪجھه عرصو لڳندو، جيئن پاڻي ايندو ته صورتحال بھتر ٿي ويندي. اجلاس ۾ ساڪرو ۽ گھارو جي شھرين پڻ پاڻي لاءِ دانھون ڪيون. سب ڊويزن ٺٽي جي واھن ۽ شاخن ۾ اڄ صبح کان پاڻي ڇڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button