پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي نوجوان گولي لڳڻ سبب فوت

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ دوران نوجوان پسٽل جي گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. شهر جي ٻگهيا پاڙي ۾ 17 سالن جو نوجوان محمد طلحه راجپوت گهر اندر پسٽل کڻي ٽڪ ٽاڪ ٺاھي رهيو هو ته اوچتو فائر ٿي ويو ۽ نوجوان موقعي تي دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو.

عيد جي چوٿين ڏينهن نوجوان جي فوت ٿيڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ پاڙي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو. نوجوان جو لاش صحت مرڪز مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي نوجوان جو موبائل به گولي لڳڻ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، جيڪو پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button