پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ معصوم ٻارڙو قتل، ٻيو زخمي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ پڪوڙن جي دڪان تي جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 8 ورهين جو ٻار قتل ٿي ويو، 10 ورهين جو ٻار گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻار جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب حيدرآباد ۾ ڦليلي ٿاڻي جي حد جي علائقي نشاط ڪالوني ۾ پڪوڙن جي خريداري تان يوسفزئي ۽ بلوچ برادري وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فيصل يوسفزئي پڪوڙن جي دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ دوران سيني ۾ گولي لڳڻ دوران 8 ورهين جو ٻار معيز پٽ محمد علي يوسفزئي موقعي تي ئي قتل ٿي ويو.

جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ 10 ورهين جو ٻار عاليان پٽ طارق گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. قتل ڪيل ٻار جو لاش ۽ زخمي ٻار کي حيدرآباد سول اسپتال آندو ويو. ڊاڪٽرن پوليس کي ٻڌايو ته قتل ٿيل ٻار کي سيني ۾ گولي لڳي آهي. جڏهن ته قتل واقعي بعد علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ايس ايڇ او نثار شاهه ٻڌايو ته ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ٻار قتل ٿي ويو آهي. جهيڙو پڪوڙن تان ٿيو آهي. جنهن ۾ جوابدار کي گرفتار پڻ ڪيو آهي. اڃا قتل ڪيس داخل نه ڪيو آهي. ٻار جا وارث اچن ته قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو. ذريعن موجب پوليس فائرنگ ڪندڙ فيصل يوسف زئي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button