پاڪستانسنڌ

ٽنڊو غلام حيدر لڳ 4 مهينا اڳ زميندار جي مبينا تشدد جو شڪار پيرسن فوت

ٽنڊو غلام حيدر: ٽنڊي غلام حيدر ٿاڻي جي حد ۾ چار مهينا اڳ مبينا طور زميندار جي تشدد ۾ زخمي ٿيل پيرسن ڌنار 50 ورهين جو محمد عرس چانهيو ڪالهه فوت ٿي ويو، وارث فوتي جو لاش کڻي ٽنڊي غلام حيدر تعلقي اسپتال پهچي ويا، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ان سلسلي ۾ پيرسن جي زال لال خاتون چانهيو ٻڌايو ته منهنجو مڙس ٻڪريون چاريندو هو، جنهن کي چار مهينا اڳ ٻڪرين چارڻ دوران تشدد ڪري ڪرنگهي واري ھڏي ۾ ڌڪ هنيا ويا.

اسان چار مهينا علاج ڪرايو پر هو بچي نه سگهيو، اسان مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڪڙيوگهنور جي ڳوٺ محمد چانهيو جو رهواسي آھي، جنهن سان واقعو ٽنڊي غلام حيدر جي حد ۾ پيش آيو هو، جنهن جي شروعاتي رپورٽ ٽنڊي غلام حيدر ٿاڻي تي داخل ڪرائي علاج لا ميڊيڪل ليٽر پڻ ورتو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button