پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ۾ پاڻي کوٽ خلاف نصير واهه ڊائون جي سوين آبادگارن جو پيادل مارچ

ٽنڊوباگو: ڦليلي ڪئينال جي نصير واهه مان نڪرندڙ نصير واهه ڊائون جي سوين آبادگارن سيد جمال شاھه جي درگاهه کان نوتڪاڻي موڙ تائين پيادل مارچ ڪري نوتڪاڻي موڙ وٽ ٽنڊوباگو-جهڏو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، خبر موجب ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، سيد سائينڏنو شاهه، عثمان چاوڙو، پرويیز آرائين جي اڳواڻي سوين آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف نصير واهه ڊائون 20 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪٽ ۽ واٽرڪورسن جا موڳا ٽٽل هئڻ ڪري سيد جمال شاھه جي درگاهه کان نوتڪاڻي موڙ تائين ٽي ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري نوتڪاڻي موڙ وٽ ٽنڊوباگو-جهڏو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري ٻن ڪلاڪن تائين روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي سيد سائين ڏنو شاهه، عثمان چاوڙو، خدا ڏنو شاهه، پرويز آرائين ۽ قمبر علي شاهھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نصير واهه ڊائون ۾ گذريل ٽن مهينن کان وٺي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، بااثر زميندارن آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري نصير واهه ڊائون مان غيرقانوني طور 21 ڪٽ، ونجيون ۽ سمورن واٽرڪورسن جا موڳا ٽوڙي ڇڏيا آهن. جنهن ڪري پوڇڙ جا آبادگار پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن. هنن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻ:ن کان مطالبو ڪيو ته نصير ڊائون مان ڪڍيل غيرقانوني واٽرڪورس ختم ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button