پاڪستانسنڌ

نيوسعيدآباد لڳ جهيڙي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

نيوسعيدآباد: نيوسعيدآباد ڀرسان بکر جمالي جي علائقي ۾ سرڪاري کتيرو ٻيلو جي کتيرو ڍنڍ جي مالڪي تان ٻن ڌرين جي ھلندڙ پراڻي تڪرار ۾ تازو سھيل جمالي جي ڌر جو ھڪ ھمراھه شاھجھان جمالي مارجي ويو ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا، پوليس ان واقعي ۾ محبوب عالم جمالي جي ڌر جي ڪجھه ماڻھن کي حراست ۾ ورتو ھو، جن جي گرفتاري اڃا ظاھر نه ڪئي ويئي آھي، ان سلسلي ۾ محبوب عالم جمالي ڌر جي ماڻھن بکر جمالي ۾ مھراڻ ھائي وي تي سھيل جمالي ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو، ڳوٺ نبي بخش جمالي، پاھڙ جمالي ۽ ٻين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي مھراڻ ھائي وي تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ قيصر جمالي، مولوي جميل جمالي، شوڪت جمالي، هادي بخش جمالي-، ببلو جمالي، عبدالجبار جمالي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 28 اپريل تي سهيل جمالي جي ڌر بکر جمالي موري تي جھيڙو ڪري پورهيت جعفر جمالي کي مانڊڻي تان کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ٻنھي ڌرين جي فائرنگ ۾ شاهجهان جمالي مارجي ويو ۽ مير جمالي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هنن چيو ته سهيل جمالي صوبائي وزير امتياز شيخ جو فرنٽ مين آهي، پوليس سندس سرپرستي ڪري پئي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ايف آئي آر سهيل جمالي ۽ سندس ساٿين خلاف داخل ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button