پاڪستانپنجاب

بي فيض ٿيڻ سان عمران خان جي حڪومت پٽ پئجي وئي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجي حڪومت ۽ ڪرسي وڃڻ کان وڌيڪ تڪليف شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ تي آهي. فتح جنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مبارڪ هجي الله پاڪستان کي عمران خان جهڙي نحوست کان آزاد ڏياري. هن چيو ته اها نحوست جيڪا عوام جي ماني، اٽو، کنڊ ۽ بجلي، سڪون ۽ ترقي کائي وئي پر ڏينهن رات ڪم ڪندڙ خادم پاڪستان شهباز شريف مبارڪ هجي. مريم نواز چيو ته عمران خان کي ايترو ڏک پنهنجي ڪرسي وڃڻ جو ناهي، عمران خان کي ايتري تڪليف پنهنجي حڪومت وڃڻ جي ناهي جيتري تڪليف شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ جي آهي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته اهو همراهه منهنجي اک ۽ منهنجا ڪن هو، اسان ڄاڻون ٿا ته اهو تنهنجي اک ۽ ڪن نه هو پر تنهنجي هٿ جنهن سان تون پنهنجن سياسي مخالفن جي ڳچي مان وٺندين هئين. مريم نواز چيو ته اهو ماڻهو جنهن کان هي بي فيض ٿي ويو ته حڪومت پٽ تي پئجي وئي ۽ هاڻي ماڻهن کي چوي ٿو ته لانگ مارچ ۾ اسلام آباد هلو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button