اسلام آبادپاڪستان

وفاقي حڪومت اشتر اوصاف علي کي اٽارني جنرل مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:وفاقي حڪومت اشتر اوصاف علي کي اٽارني جنرل مقرر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف قانوندان اشتر اوصاف علي جي اٽارني جنرل پاڪستان طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. اشتر اوصاف علي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ به اٽارني جنرل رهي چڪو آهي.ان کانسواءِ هو 16-2015 ۾ وزيراعظم جو قانون ۽ انصاف بابت اسپيشل اسسٽنٽ رهي چڪو آهي. جڏهن ته ٻه ڀيرا ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب جون ذميواريون به نڀائي چڪو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ قانوندان خالد جاويد اٽارني جنرل پاڪستان جا فرض انجام ڏئي رهيو هو، جنهن پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي تي عهدي کان استعيفيٰ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button