اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

دالين، بيسڻ ۽ کارڪن تي سبسڊي ختم،کاڄرو تيل 20 رپيا لٽر مهانگو

اسلام آباد :ملڪ ۾ سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي. تفصيل موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف ضروري شين تي ڏنل سبسڊي ختم ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب دالين، بيسڻ ۽ کارڪ تي جاري سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ ماش جي دال 268 رپين مان وڌي 278 رپيا في ڪلو ٿي وئي. مڱن جي دال جي قيمت 160 رپين مان وڌي 170 رپيا ٿي وئي آهي. بيسڻ 20 رپيا في ڪلو واڌ کانپوءِ 170 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته مختلف برانڊن جي ڪوئنگ آئل ۽ کير جي في لٽر قيمت ۾ به 20 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. مختلف برانڊن جي شربت جي 1500 ملي لٽر بوتل 51 رپين تائين مهانگي ٿي وئي. 190 گرام چانهه جي پتي جي قيمت 12 رپيا وڌي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب وفاقي حڪومت طرفان 19 بدران 5 شين جي سبسڊي ڏني ويندي، کنڊ 70 رپيا في ڪلو ۽ 10 ڪلو اٽو 400 رپين ۾ ملندو. گيهه 260 رپيا في ڪلو جي حساب سان ملندو، کنڊ 5 ڪلو، اٽو 10 ڪلو ۽ گيهه 5 ڪلو تائين ملندو، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط برقرار رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button