اسلام آبادپاڪستان

واپڊا چيئرمين ۽ پي ٽي وي ايم ڊي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون

اسلام آباد :واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عامر منظور پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
خبر موجب واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان واپڊا جي ذريعن چيو آهي ته چيئرمين ذاتي سببن جي آڌار تي استعيفيٰ ڏني. ياد رهي ته واپڊا جي چيئرمين مزمل حسين ٻيون ڀيرو استعيفيٰ ڏني آهي. هو 2016 کان واپڊا جي چيئرمين طور ڪم ڪري رهيو هو. جون 2021 ۾ پنهنجي نوڪري جو مدو پورو ٿيڻ تي هن پنهنجو استعيفيٰ ان وقت جي وزيراعظم ڏانهن اماڻيو هو پر وزيراعظم عمران خان سندس استعيفيٰ قبول ڪرڻ بجاءِ کيس ٻيون ڀيرو آگسٽ 2026 تائين 5 سالن لاءِ چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ حڪومت جي تبديلي کان پوءِ واپڊا چيئرمين هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو استعيفيٰ وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻئي طرف ايم ڊي پي ٽي وي عامر منظور به پنهنجي استعيفيٰ حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏي هئي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ايم ڊي پي ٽي وي عامر منظور جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقيم کي ايم ڊي سرڪاري ٽي وي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته عامر منظور نئين حڪومت جي ايندي ئي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button