پاڪستانسنڌ

ڪلوئي جو پورهيت گرفتار، پوليس جو مبينا وحشياڻو تشدد

ڪلوئي: ڪلوئي لڳ ڳوٺ ڪاجهر جي پورهيت نوجوان علي حسن لنڊ کي کوسڪي پوليس گرفتار ڪري مٿس 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ مٿس کوسڪي پوليس پاران مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس تشدد جو شڪار ٿيل گل حسن لنڊ ۽ محمد شريف لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان علي حسن لنڊ کي کوسڪي پوليس بيگناهه گرفتار ڪري تشدد ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي آهي. مٺي جي ڊاڪٽرن موجب علي حسن تي پوليس تشدد سبب سندس آنڊو متاثر ٿيو آهي. پورهيت علي حسن لنڊ چيو ته مون تي بااثر وڏيري جي چوڻ تي 13 ڊي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري تشدد ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري نڪ ۽ نازڪ عضوي مان رت اچي ٿو. هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ٿو ڪيو ته نوٽيس وٺي کوسڪي پوليس ۽ بااثر وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button