پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ عدالتي حڪم تي کوليل گهٽي ٻيهر بند، مظاهرو

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي جي لغاري پاڙي ۾ عدالت جي حڪم تي کوليل گھٽي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪئي وئي آهي. لغارين جي ٻن ڌرين ۾ 2016ع ۾ گھٽي جي مالڪي تان تڪرار شروع ٿيو هو، هڪ ڌر جي امتياز لغاري، محمد فاضل لغاري ۽ ٻي ڌر جي عبدالغفار لغاري، امجد لغاري ۽ فيصل لغاري ۾ هلندڙ تڪراري گھٽي جو ڪيس اينٽي انڪروچمينٽ ڪورٽ حيدرآباد ۾ هليو. ڪورٽ 2021ع ۾ تڪراري گھٽي وارو فيصلو امتياز لغاري ۽ فاضل لغاري جي حق ۾ ڏنو، ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ايس ايڇ او انڪروچمينٽ ٽنڊوالهيار، اي سي جهنڊو مري، مختيارڪار جهنڊو مري ليڊيز پوليس سميت وڏي تعداد پوليس جي نفري ۽ ريجنرز سان گڏ آڪٽوبر 2021ع ۾ ڪارروائي ڪري بند گھٽي کولي هئي، پر عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي هڪ ڌر ٻيهر گهٽي بند ڪئي آهي. گھٽي بند ٿيڻ خلاف امتياز لغاري، نثار لغاري، نويد لغاري، اياز لغاري، اعجاز لغاري ۽ بھار خان لغاري جي اڳواڻي ۾ عورتن، ٻارن ۽ پاڙيسرين مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته جي ايس ٽي خالده ڌي خان محمد، پي ايس ٽي سبيلا ڌي خان محمد، هيلٿ کاتي جي سپروائيزر سلمى ڌي خان محمد، واٽر مئنيجمينٽ جي ڪلارڪ عبدالغفار ولد خان محمد، هيلٿ کاتي جي امجد ولد خان محمد، سرڪاري ڊرائيور أجمل ولد خان محمد ۽ فيصل ولد خان محمد لغاري ڪورٽ جي فيصلي جي توھين ڪئي آهي، جڏهن گهٽي کليل هئي ته ايندي ويندي اسان کي گارگند ڪري تنگ ڪندا هئا، هاڻ هنن گهٽي ٻيهر بند ڪئي آهي، مخالفن ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن. هنن سنڌ پوليس، حتسب اعليٰ سنڌ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته بند ٿيل گھٽي کولرائي مخالفن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button