پاڪستانسنڌ

گولاڙچي ۾ پاڻي کوٽ خلاف رهواسين جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

گولاڙچي: گولاڙچي شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي وارڊ نمبر 4 بينظير ڀٽو بستي ۾ گذريل ٽن مھينن کان پيئڻ جو پاڻي مهيا نه ٿيڻ خلاف اياز چانڊيو، اصغر آرائين، قربان ڪمبوھه، شھباز ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين رهواسين شھيد فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇتي نعريبازي ڪئي. ڌرڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز چانڊيو، اصغر آرائين، قربان ڪمبوهھ، شھباز ملاح ۽ ٻين چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر گولاڙچي ڪاشف رضا منگي رھواسين کي يقين ڏياريو ھو ته کين پاڻي جي سپلائي شروع ڪئي ويندي، پر ڏھه ڏينهن گذرڻ باوجود گولاڙچي شهر جي وارڊ 4 بينظير ڀٽو بستي جي رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي نه مليو آهي، ٽائون ڪاميٽي گولاڙچي انتظاميا چوي ٿي ته وارڊ چار گولاڙچي شهر ۾ ناهي، جڏهن ته واٽر سپلاءِ جي پاڻي جا بل ٽائون ڪاميٽي گولاڙچي وصول ڪري ٿي. شھرين بل ڏيکاريندي چيو ته اسان سان ناحق لڳو پيو آهي، وڏي عرصي کان پاڻي جي سپلاءِ بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهيون. ٻئي طرف چئن ڪلاڪن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر بدران تپيدار ۽ ڪلارڪ ڌرڻي واري هنڌ پهچي روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button