اسلام آبادپاڪستانسنڌ

نسرين جليل کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو،سمري صدر کي ُاماڻي وئي

اسلام آباد: وزيراعظم شهبازشريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ نسرين جليل کي سنڌ جي گورنر طور مقرر ڪرڻ لاءِ سمري صدر کي موڪلي ڇڏي. ذريعن موجب شهباز شريف نسرين جليل کي گورنر بڻائڻ لاءِ سمري صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سنڌ جي گورنر لاءِ وزيراعظم کي 5 نالا تجويز ڪيا ويا هئا، جن ۾ نسرين جليل، عامر خان، عامر چشتي، وسيم اختر ۽ ڪشور زهرا شامل هئا. واضح رهي ته سمري جي منظوري جي صورت ۾ نسرين جليل سنڌ ۾ تقريبن اڌ صديءَ کانپوءِ پهرين عورت گورنر هوندي. ان کان اڳ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي گهرواري رعنا لياقت علي خان 1973 کان 1975 تائين سنڌ جي گورنر رهي چڪي آهي. نسرين جليل شروعات کان اڄ تائين ايم ڪيو ايم ۾ ئي رهي. هو لاهور ۾ پيدا ٿي پر زندگي جو گهڻو حصو هن ڪراچي ۾ ئي گذاريو. شروعاتي زندگي ڀيڻ ڀائرن سان گڏ لنڊن ۾ گذاري. تعليم جي حوالي سان پيرس به وئي، ان لاءِ انگريزي، اردو زبانن کان علاوه فرانسيسي ٻولي تي به مڪمل عبور حاصل اٿس. نسرين جليل 2 ڀيرا سينيٽ جي ميمبر چونڊجي. 2002ع ۾ نسرين جليل اين اي 250 تي عام چونڊن ۾ حصو ورتو پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. ان کان پوءِ 2012 ۾ ئي سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. نسرين جليل پهريون ڀيرو 1994ع ۽ ٻيون ڀيرو 2012ع ۾ سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي جي چيئرمين بڻي ۽ ان حيثيت ۾ خاص طور تي عورتن جي حقن لاءِ پارلياماني پليٽ فارم ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هو ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ اڪنامڪ اينڊ فنانس روينيو ۽ پرائيويٽائيزيشن سميت سينيٽ جي ڪيترين ئي ڪميٽين جي چيئرپرسن به رهي. جڏهن ايم ڪيو ايم خلاف ڪراچي ۾ آپريشن شروع ٿيو ته نسرين جليل کي به گرفتار ڪيو ويو، کيس 3 سالن جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ان کان پوءِ کيس جيل اماڻيو ويو. هن 6 مهينا جيل ۾ گذاريا. جنهن کان پوءِ کيس گهر ۾ ئي نظر بند ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button