اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان کي بچائڻ لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن:شيخ رشيد

ايبٽ آباد:عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قسمت ۾ جلد وڏي جيل لکيل آهي. ڪالهه ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته چور ڪابينا ۾ ويٺا آهن، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله خلاف 15 شاهديون پيش ڪيون، اهو گهرو وزير بڻجي ويو، ڊيزل ملڪ جو صدر بڻجڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان کي پرڏيهي سازش جو نشانو بڻايو ويو. عوام هن حڪومت خلاف عمران خان جي سڏ تي اسلام آباد ايندو. هيءَ پاڪستان جي زندگي ۽ موت جي تحريڪ آهي، پاڪستان کي بچائڻ لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button