اسلام آبادپاڪستان

فرح گوگي تي الزام،عطا الله تارڙ کي 5 ارب هرجاڻي جو نوٽيس

اسلام آباد :اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح خان الزام لڳائڻ تي مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري عطاءُالله تارڙ کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو. فرح خان پنهنجي وڪيل طرفان عطاءُالله تارڙ کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي. قانوني نوٽيس فرح خان پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ اظهر صديق ذريعي اماڻيو آهي. نوٽيس ۾ عطاءُالله تارڙ کان 7 ڏينهن دوران غير مشروط معافي ۽ الزام واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. قانوني نوٽيس جي متن موجب فرح خان مطالبو ڪيو آهي ته عطاءُالله تارڙ ميڊيا آڏو اچي معافي گهري ۽ الزام واپس وٺي معافي نه گهرڻ تي 5 ارب روپيا هرجاڻي جي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button