پاڪستانسنڌ

پ پ بلدياتي چونڊن ۾ ڪلوئي ۾ اهل ماڻهو آڻي:محمد خان لنڊ

ڪلوئي: بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي ڪلوئي تعلقي ۾ پ پ اڳواڻن ايم پي اي ارباب لطف ۽ محمد خان لنڊ ڌار ڌار گڏجاڻيون ڪوٺائي ورتيون. تعلقي ڪلوئي جي مختلف برادرين جا ماڻهو لنڊ هائوس پهتا، جتي محمد خان لنڊ ماڻهن کان را ورتي. همير هالو، فوجي محمد بخش کوسو، حاجي مبارڪ لنڊ، ڀڳوان داس لوھاڻو، آنند مهاراج، آتم ميگھواڙ، نهرو ولاسائي، شير خان لنڊ، گل محمد سوڀو، لنڊ علي خان کوسو، الهڏنو ملاح ۽ ٻين عوامي عدالتي ۾ ڳالهائيندي چيو ته محمد خان لنڊ جتي چوندو، اتي ووٽ ڏينداسين. چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ بعد واپس نه آيا آهن. ان موقعي تي محمد خان لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون اڄ بنا ڪنهن فرق جي سڀني ذاتين جي ماڻهن کي هتي گهرائي عوامي عدالت لڳائي پنهنجي اظهار جي آزادي جو پورو حق ڏنو آهي، اسان نٿا چاهيون ته ڪو اهڙو ماڻهو اچي، جيڪو آڱوٺي ڇاپ هجي، جنهن جا چيڪ ڪنهن مخصوص هنڌ تي پيل هجن. هن چيو ته آئون پارٽي قيادت کي چوندس ته ڪلوئي تي اهڙو ماڻهو آڻيو، جيڪو ايماندار ۽ اهل هجي. ٻئي طرف هوڏانهن تحريڪ انصاف ارباب گروپ اڳواڻ ارباب انور جبار، ارباب عمران ۽ بئرسٽر ارباب ظفر الله به ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button