اسلام آبادپاڪستان

ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي ڳالهين کان پري رکيو وڃي:پاڪ فوج ترجمان

راولپنڊي :آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي ڳالهين کان پري رکيو وڃي. ڪالهه پاڪ فوج جي ترجمان اداري آ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال ۾ ڄاڻي واڻي فوج ۽ ان جي قيادت کي ملوث ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اهي ڪوششون فوج سان گڏوگڏ ان جي اعليٰ قيادت جي حوالي سان آهن. آءِ ايس پي آر موجب اهي ڪوششون سڌي ريت يا واسطي سان عوامي فورمز ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف فورمز تي ڪيون ويون. سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ تجزئي نگارن طرفان اڻ تصديق ٿيل، ساک کي نقصان پهچائيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانن جو عمل انتهائي نقصانڪار آهي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته فوج اميد ڪري ٿي ته سڀ قانون جي پاسداري ڪندا ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي ڳالهه ٻولهه کان پري رکندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button