اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آ جو لانگ مارچ خوني هوندو ته ان کي روڪيو ويندو:وفاقي حڪومت

لاهور:سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان فرح گوگي تحريڪ شروع ڪري عوام جو ڌيان پنهنجي چئن سالن واري ڪارڪردگي تان نٿو هٽائي سگهي. جنهن جنهن عمران خان جو بينامي هوندي ملڪ کي لٽيو آهي، ان کي پنهنجو جواب ڏيڻو پوندو. عمران خان شهبازشريف جي ڊپ کان ٻاهر نڪر، قانون ڪنهن کي به پاڪستان اندر خوني مارچ جي اجازت نه ڏيندو. جيڪڏهن لانگ مارچ خوني هوندو ته انکي روڪيو ويندو. شهبازشريف تحريڪ انصاف جو هڪ به ووٽ کڻي وزيراعطم ناهي بڻيو. ڪميشن جي رپورٽ سان ڪوڙ سچ ظاهر ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اعظميٰ بخاري ۽ لاهور پريس ڪلب جا عهديدار به موجود هئا. مريم اورنگزيب چيو ته اهو موصوف جنهن چار سال ميڊيا کي گهٽو ڏنو، اسان جي زبان بند ڪئي. پارليامان جي زبان بند ڪئي اڄ اهو پنهنجي بدزباني ۽ بداخلاقي جي ذريعي عوام کي پيغام ڏئي رهيو آهي ته مان پاڪستان جي نوجوانن جي تربيت ڪرڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن نوجوانن جي تربيت عمران صاحب جي هٿان ٿي ته والدين اڄ کان توبهه شروع ڪن جنهن قسم جي زبان، اخلاق، رويو، ذهنيت ۽ غلاظت اتان اچي ٿي پوءِ به ڪي به والدين نه چاهيندا ته هڪ اهڙو شخص سندس اولاد جي تربيت ڪري جنهن جي پنهنجي تربيتي ۾ ڪمي رهجي وئي هجي. اڄ ڪنٽينر تي بيهي ڪٿي ڪافر هجڻ ۽ ڪٿي غداري جي فتويٰ ڏئي رهيو هو. هي فتويٰ ان لاءِ ڏني پئي وڃي ڇو ته ڪوئي ان کان ان جي چئن سالن جي ڪاڪردگي جو سوال نه ڪري. ميڊيا اهو نه پڇي ته اوهان چار سال عوام سان ڇا ڪيو، اوهان اڄ به سياسي مخالفتن تي الزام مڙهي رهيا آهيو. توهان چار سال اقتدار ۾ هئا 4 سال هن ملڪ جا وزيراعطم هئا. جيڪڏهن ڪنهن ڪوئي غلط ڪم ڪيو هو ته ان جو حساب ڇو نه ورتو. رڪارڊ۽ اختيار توهان وٽ هو ڇو نه احتساب ڪيو ويو. ثبوت ڏئي ڇو الزامن کي ثابت نه ڪيو. اوهان کي شهبازشريف جو بخار آهي، اوهان کي پنهنجي اقتدار وڃڻ جو غم ناهي، ڪرسي کان لهڻ جو غم نه آهي پر شهبازشريف جي ڪرڪردگي ۽ ووٽ جي ذريعي پارليمان ۽ عوام جنهن نموني توکي ڪرسي تان هٽايو آهي، توکي ان جو غم ۽ خوف ستائي ٿو. تون عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهين. مريم اورنگزيب چيو ته اوهان مافياز سان ڳٺ جوڙ ڪري چار سال عوام جي کنڊ بجلي گيهه دوا چوري ڪئي. هي اوهان جي اصليت ۽ ڪارڪردگي آهي، ان کان نظر هٽائڻ لاءِ اوهان ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو. ملڪ جي تاريخ ۾ جنهن عوام جي دوا چوري ڪئي، ماني چوري ڪئي، نوجوانن کان روزگار کسيو، کنڊ گيهه ۽ بجلي چوري ڪئي، ان جو نالو عمران خان آهي. چور جيڪڏهن ڪو آهي ته عمران خان تون چور آهين، جيڪڏهن ڪو ڪوڙو آهي ته تون ڪوڙو آهين، جيڪڏهن ڪوئي سازشي آهي ته تون سازشي آهين. هن چيو ته تون پهريان مديني جي رياست جي نالي تي سياست ڪئي پوءِ ڪرپشن جي سياست ڪئي ۽ هاڻي سازش جو راڳ آلاپي رهيو آهين ڪميشن جي رپورٽ سان ڪوڙ سچ ظاهر ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button