اسلام آبادپاڪستانپنجاب

سي پيڪ رٿائن جي فرانزڪ آڊٽ سان چين سخت ناراض آهي:وزيراعظم

اسلام آباد/لاهور (بيورو/اين اين آءِ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي صدر ڪاظم خان جي اڳواڻي ۾ سي پي اين اي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال، پيڪا آرڊيننس، نيوز ايجنسين کي رهتن جي ادائيگي ۽ ميڊيا کي درپيش ٻين معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. سي پي اين اي جي وفد ۾ سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر سردار خان نيازي، ارشاد احمد عارف، انور ساجدي، سيڪريٽري جنرل عامر محمود، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف نظامي، اڳوڻو سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق، جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو ۽ تنوير شوڪت، طاهر فاروق، شڪيل احمد ترابي، عارف بلوچ ۽ سينيئر ميمبر رمزا نظامي شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سڌ سماءَ واري سيڪريٽري شاهيرا شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي تي ڪا به پابندي لڳائڻ جو ارادو نٿي رکي. هن سي پي اين اي جي وفد کي يقين ڏياريو ته صحافين کي پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت هر ممڪن تحفظ فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پيڪا آرڊيننس تي نظرثاني جو ڪم اڳ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي. پيڪا آرڊيننس ۾ پريس مخالف شقن کي فوري طور تي ختم ڪيو ويندو. پيڪا آرڊيننس تي حڪومت جي اجازت کانسواءِ آرڊيننس خلاف اپيل ڪندڙ ايف آءِ اي جي آفيسر خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف پريس جي آزادي، جمهوريت جي بقا ۽ جمهوري ادارن جي ارتقا ۾ هڪ اداري طور سي پي اين اي جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميوار صحافت جي فروغ لاءِ CPNE سميت صحافين جي ٻين نمائندن ادارن سان تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. وزيراعظم ميان شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن وقت ملڪي تاريخ جي بدترين مالياتي خساري جو شڪار آهي. مان اڃا تائين بيگرز آر ناٽ چوزر جي بيان تي قائم آهيان. عمران نيازي سي پيڪ کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته جيئن عوام جي تڪليفن جو ازالو ٿي سگهي. گذريل حڪومت چئن سالن ۾ قوم تي قرضن جو بار ٻيڻو ڪري غريبن جي زندگي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏي. تيل جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت ڄار ۾ ڦاسجي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه کي ورجايو ته قوم کي هن وقت اتحاد جي ضرورت آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي لاءِ غير معمولي معاشي مسئلا حل ڪري سگهجن. حڪومت چاهي ٿي ته پرڏيهي معاملن ۾ برادر ملڪن سميت سمورن ملڪن سان باهمي احترام ۽ گڏيل مفادن جو احترام ڪيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت خلاف مارچ ڪرڻ قوم کي ورهائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي ڪنهن به صورت ۾ مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين.

وزيراعظم شهبازشريف وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان سي پيڪ جو حال خراب ڪري ڇڏيو، هن فرانزڪ آڊٽ ڪرائي، ان سان چين سخت ناراض آه گذريل حڪومت چئن سالن ۾ قوم تي ٻيڻو قرض سٿي ڇڏيو، جنهن ڪري غريب جي زندگي وڌيڪ مشڪل ٿي وئي. حڪومت غريب ماڻهو جون بنيادي زندگي جون ضرورتون اٽو، علاج ۽ دوا گهٽ خرچن تي مهيا ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان آهي. وزيراعظم چيو ته بيوروڪريٽس سان تفصيلي ملاقات ٿي آهي، نيب جي موجودگي ۾ بيوروڪريٽس سخت دٻاءُ ۾ آهن. هن چيو ته هو نيب جي موجودگي ۾ ڪم نه ٿا ڪري سگهن، صحافي سميع ابراهيم کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو به نوٽيس ورتو آهي. اسان عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا پر تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافو اسان جي پيرن ۾ زنجير آهي. سعودي عرب ۽ يو اي اي ۾ اسان کي تمام گهڻي عزت ملي آهي، اسان کانئن مدد گهري آهي، هاڻي فيصلو انهن تي آهي. شهبازشريف چيو آهي ته آمريڪي صدر جوزف بائڊن جي ڪال آئي ته شڪريو، نه آئي ته به شڪريو. ٻاهرين سازش سان گڏجي حڪومت حاصل ڪرڻ کان وڏو ڪفر نه آهي. هاڻي عمران خان پنهنجا دعوا تبديل ڪري رهيو آهي کيس جولاءِ کان سازش جو پتو هو. عمران خان کي مڃڻو ته نه آهي پر پوءِ به ڪميشن ٺاهينداسين. سينيئر صحافين سان ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺا. پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي بجيٽ خساري کي منهن ڏيندو. اڳوڻي حڪومت بنا صلاح مشوري جي تيل جون قيمتون گهٽائي وئي، جيڪا آئي ايم ايف جي معاهدي جي ڀڃڪڙِي آهي. عمران خان کي ساڍن ٽن سالن ۾ پهريان اهڙو احساس ڇو نه پيدا ٿيو، تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جي حوالي سان لاڳاپيل آفيسرن سان به صلاح مشورا نه ڪيا ويا. هن چيو ته ملڪ ۾ وافر بجلي هئي نااهلي جي ڪري بحران پيدا ٿيو رولز ۾ لکيو هو بجلي پلانٽ جي مرمت سردين ۾ ٿيندي. ان جي دور ۾ ڀاڻ مهانگو ٿيو، بليڪ ٿي، هاڻي 3 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته سڌارن کان پوءِ ئي ايندڙ چونڊن جو سوچينداسين. سڌارن لاءِ پي ٽي آئي کي دعوت ڏينداسين، حڪومت ڪيتري مدي لاءِ آهي اهو فيصلو صلاح مشوري سان ٿيندو. آرمي چيف جي مقرري جو معاملو ميرٽ تي سينيارٽي کي نظر ۾ رکندي ڪنداسين. مريم نواز ليڊر آهي ڌيءَ آهي سخت بيان بازي ٿي ويندي آهي، منهنجو ناهي خيال ته ان جي ڪنهن جملي جو مقصد ڪنهن حاضر سروس آفيسر تي تنقيد ڪرڻ هجي. نوازشريف بيمار آهي ان جو علاج ٿي رهيو آهي، منهنجي قائد جي بيماري کي سياست جو عنوان نه بڻايو وڃي. تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي آجيان ڪنداسين پر ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، ان جي حڪمت عملي ثناءُالله ٺاهي چڪو آهي. ٻئي طرف هن لاهور ۾ جديد سهولتن سان تيار سليم ميموريل اسپتال جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي خوشحالي لاءِ ذاتي پسند ۽ اڻ پسند کان مٿانهون ٿي سوچڻو پوندو. گذريل حڪومت جو فلاحي منصوبن کي بند ڪرڻ قومي مفادن جي خلاف قدم هو، پي ڪي ايل آئي کي سياست جي ور چاڙهيو ويو. جيڪڏهن اڄ به قبلو درست ڪيو وڃي ۽ عوام جي بهتري ترقي ۽ خوشحالي تي ڌيان ڏنو وڃي ته ذاتي معاملا گڏجي ويندا پر ان لاءِ وڏي دل ڪرڻي پوندي. لاهور ۾ قائم ٿيندڙ سليم ميموريل اسپتال نموني چئني صوبن ۾ به اسپتالون قائم ٿيڻ گهرجن ۽ اميد آهي ته ان لاءِ عملي ڪوششون ڪيون وينديون. ان کان اڳ وزيراعطم شهبازشريف کي اسپتال جي مختلف شعبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ اسپتال ۾ موجود ڊائلاسز ۽ سٽي اسڪين جي سهولتون کان آگاهه ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button