پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ زمين تي قبضي خلاف عورتن جو احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص لڳ ديھه 108 ۾ بااثر زميندار اختر گجر ۽ سندس ساٿي بابو گجر پاران مبينا طور 27 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف متاثر عورتن رمضانه ساند ۽ گوگي ساند ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ڪانفرنس ڪندي چيو ته بااثر زميندار اختر گهر اسان جي پي سي بي گرائونڊ لڳ 27 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ کانپو اسان جو پوکيل انبن جو باغ هٿيارن جي زور تي وڍرائي پوک ڪرائي پيو، اسان کيس منع ڪئي ته هن اسان کي اغوا ڪرڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، اسان جي زمين جا کاتا رشوت عيوض تبديل ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته چوڌري اختر گجر ۽ سندس ساٿين اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هنن ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ڪمشنر ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته چوڌري اختر گجر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button