پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ حيسڪو عملدارن خلاف شهرين جو مظاهرو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ جي سچل سرمست ڪالوني جي رهواسين شهباز علي ميمڻ، خالق پنھور ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان حيسڪو عملدارن خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ٻن سالن کان سچل سرمست ڪالوني جي ميمڻ پاڙي جا رهواسي بجلي جي سهولت کان محروم آهن، مسلسل دانهڻ باوجود حيسڪو انتظاميا بجلي بحال نه پئي ڪري، 2 سال اڳ حيسڪو سب ڊويزن شهباز انتظاميا اھو چئي 200 ڪي وي جو ٽرانسفارمر لاٿو ته ھتي ڪنڊا سسٽم هلي پيو، سڄي سب ڊويزن شهباز جا ٽرانسفارمر ٺيڪي تي هلن پيا. ھنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سچل سرمست ڪالوني ميمڻ محلا جي بجلي بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button