اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڪڻڪ جي کوٽ سبب اٽي جو بحران پئدا ٿيڻ جو خدشو

لاهور :سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا بند ٿيڻ، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگي ڪڻڪ ۽ گهٽ هجڻ سبب سموري ملڪ ۾ اٽي جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب فلور ملز قيمتن ۾ امڪاني گهٽتائي سبب ڪڻڪ جي خريداري ۽ اٽي جي پيسائي گهٽ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته طلب ۽ رسد ۾ فرق وڌڻ جي صورت ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. حڪومتي ذريعن جي دعويٰ آهي ته ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، تمام جلد نئين پاليسي جو اعلان ٿيندو ۽ اٽي جو بحران پيدا نه ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا بند ٿيڻ، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگي ڪڻڪ ۽ گهٽ هجڻ سبب اٽي جو شديد بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. پنجاب ۾ اٽي جي قيمتن ۾ 1300 روپين تائين اضافي جي باوجود دستيابي مستحڪم ناهي ٿي رهي. حڪومت طرفان ڪڻڪ جي اٽي وارين قيمتن ۾ امڪاني گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي فلورملز ڪڻڪ خريداري گهٽ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته حڪومت فلورملز کي وقت کان اڳ سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪرڻ تي حتمي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. فلورملز کي جون جي بجاءِ هلندڙ مهيني ئي سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وزيراعظم اوپن مارڪيٽ جي اٽي جي قيمتن ۾ 200 کان وٺي 300 رپيا في ٿيلهو گهٽ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جي تحت حڪومت 20 ڪلو واري اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1 هزار روپين کان وٺي 1100 روپين جي وچ ۾ مقرر ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي. ذريعن موجب حڪومت عوام کي سستي اٽي جي فراهمي لاءِ 20 ڪلو جي ٿيلهي تي 600 روپين کان وڌيڪ سبسڊي برداشت ڪندي. حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ تي به مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف پنجاب جي خوراڪ کاتي هينئر تائين 41 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪري ورتي آهي. جڏهن ته 50 لک ٽن هدف پورو ڪرڻ لاءِ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن اٽي جي في 20 ڪلو ٿيلهي جي موجوده قيمت ۾ 200 کان 300 رپيا گهٽتائي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 1000 کان 1050 رپين جي وچ ۾ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. اٽي جي قيمت ايندڙ مهيني بدران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 ملين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمري پيش ڪئي ويندي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طاهر بشير چيما ايڪسپريس ذريعي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو متوقع آهي. ذريعن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ ڪڻڪ جي اٽي تي پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ سياسي جنگ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت ان معاملي ۾ وفاقي حڪومت سان وڌيڪ سهڪار ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button