پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ گيسٽرو، 30 ٻار سول اسپتال ۾ داخل

ميرپورخاص:ميرپورخاص ۾ گيسٽرو جي وبا پکڙجي وئي. سول اسپتال ۾ 30 ٻارن کي آندو ويو، بسترا نه هجڻ سبب هڪ بيڊ تي 3 کان 4 ٻارن کي ويهاريو ويو، جن ۾ سروڻ، افتخار، عنايت، طيبه، عبدالرحمان، ساجده، خان محمد، عبيدالله، حبيب، ياسمين، رحمان ۽ ٻيا شامل آھن. ٻارن جي وارثن لطيف، ارباب علي، عنايت علي ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ميرپورخاص جي ٻارن جي وارڊ ۾ ڪابه سهولت نه آھي، بيڊ گهٽ هجڻ ڪري هڪ بيڊ تي 3 کان 4 ٻارن کي گڏ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري علاج ۾ وڏي پريشاني ٿئي پئي، صفائي جو ڪوبه انتظام ناهي. اڪثر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون غائب آھن، اسپتال نرسون هلائي رهيون آهن. هوڏانهن ڊيوٽي تي موجود اسٽاف نرس فرحت لغاري چيو ته گيسٽرو جي روز او پي ڊي 40 کان 50 آھي، سول اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مجبوري ۾ هڪ بيڊ تي 2 کان 3 مريض داخل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button