پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڪشمور ۽ ڦلجي اسٽيشن ۾ ريليون

ڪشمور/ڦلجي اسٽيشن: پاڻي کوٽ خلاف ايس ٽي پي پاران ڪشمور ۽ ڦلجي اسٽيشن ۾ ريليون تفصيل موجب ڪشمور ۾ ايس ٽي پي صدر رفيق احمد چنا جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جبار سولنگي، غفار ڀٽي، ساجد مزاري، مور چاچڙ ۽ محمد صالح سومرو گڊو بئراج ۾ پاڻي کوٽ خلاف عملدار چو کان ريلي ڪڍي. هنن چيو ته پنجاب سدائين سنڌ جو پاڻي روڪي آبادگارن کي بک بدحالي طرف ڌڪي معاشي قتل ڪيو آهي، سنڌو درياهه ۾ چاليهه هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي پھچڻ کان اڳ پنجاب جي حدن ۾ 20 ھزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري سنڌ جي آبادگارن جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. ٻئي طرف ڦلجي اسٽيشن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن زاهد حسين شاهه، برڪت علي پنهور، مظهر علي جهتيال، لالا ظهير سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل راھو چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button