پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ سنڌڙي واسي نوجوان جي بازيابي لا وارثن جو ڌرڻو

ميرپورخاص: سنڌڙي ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا ٿيل 22 سالن جي ايسر ڀيل جي بازيابي لا وارث عورتن ۽ مردن ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي سرتو ڀيل، چيتن، ھرچند، ماروي، نصيبان ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو تھ پنج ڏينھن اڳ علائقي جو رھواسي مير حسن شر ايسر ڀيل کي موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ لا گڏ وٺي ويو، جنھن بعد اسان جو نوجوان واپس نھ موٽيو آهي، مير حسن سميت ايسر ڀيل جو موبائل فون بند آهي. هنن چيو تھ اسان غريب ھاري ٻه ويلا ماني لاءَ پريشان آھيون، ايترا پئسا ڪٿان ڏيون، مير حسن شر خلاف سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي پر پوليس اڃا تائين ڪا بھ گرفتاري نھ ڪئي آھي ۽ نھ وري نوجوان جي بازيابي لا ڪي بھ قدم نھ کنيا آھن. ھنن چيو آھي خدشو آھي تھ نوجوان کي قتل ڪيو ويندو. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button