پاڪستان

پهرين ترجيح واهپيدارن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي: خرم دستگير

لاهور: توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته پهرين ترجيح واهپيدارن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي. ليسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير خان جو چوڻ هو ته اپريل ۾ اسان جي سامهون بجلي جو بحران هو، مسلم ليگ ن جڏهن پوئين حڪومت مڪمل ڪئي، ان وقت ججهي بجلي موجود هئي، اسان کي هاڻي حڪومت ملي ته 8 کان 10 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جاري هئي، هي بحران چئن سالن جي بدانتظامي ۽ عمرانيا عذاب هو، هاڻي اسان بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جتي لائن لاسز گھٽ آهن، اتي لوڊشيڊنگ زيرو آهي، لاهور ۾ لوڊشيڊنگ زيرو آهي، 7 هزار ميگا واٽ جي صلاحيت بند پئي هئي، عمراني حڪومت وقت تي ڊيزل، گيس، ڪوئلو نه خريد ڪيو هو، هن وقت گردشي قرض 2400 ارب رپيا آهن، جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ قيمتون رڪجي وڃن ته ان کي حل ڪري وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button