پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ ڊاڪٽرياڻي جي بدلي خلاف رهواسين جو مظاهرو

ڪڪڙ: ڪڪڙ ويجهو خانپور جوڻيجو ۾ پي پي ايڇ آءِ جي ماتحت هلندڙ بي ايڇ يو سينٽر تي مقرر ڊاڪٽرياڻي ناهيد شيخ جي بدلي خلاف عورتن توڙي مردن جاويد شيخ، ارباب خاتون، فاطمه خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته ڊاڪٽرياڻي ناهيد شيخ قابل ڊاڪٽرياڻي آهي، جنهن جي مقرري دوران ڳوٺاڻن جو بهتر علاج ٿي رهيو هو، پر هن کي بدلي ڪري صحت جي سهولت کسي وئي آهي. هنن اختيارين کان ڊاڪٽرياڻي جي واپسي جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button