اسلام آباد: پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ ورچوئل فارميٽ ۾ منعقد ٿيل گلوبل ڊولپمنٽ انيشيٽو (جي ڊي آ) جي گروپ آف فرينڊز جي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي وڊيو خطاب ۾ پرڏيهي وزير جي ڊي آ شروع ڪرڻ تي چين جي قدمن کي ساراهيو ۽ ان کي عالمي سطح تي گڏيل پائيدار ترقي جي هدفن تي عملدرآمد جي ڪوششن کي تيز ۽ مربوط بنائڻ لا هڪ فائدي وارو پليٽ فارم قرار ڏنو. هن عالمي سطح تي ڪرونا جي تباهه ڪندڙ اثرن، موسمياتي تبديلين ۽ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي سان پيدا ٿيندڙ بحرانن جو ذڪر ڪندي پائيدار ترقي جي هدفن جي نفاذ ۾ اڳڀرائي ۾ رڪاوٽن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جي ڊي آ گروپ آف فرينڊز تي زور ڏنو ته اهي اسرندڙ دنيا کي لاڳو للڪارن کي منهن ڏيڻ، عام صحت ۽ ويڪسين برابري ۾ تعاون وڌائڻ، خوراڪ جي حفاظت کي يقيني بنائڻ، توانائي جي پيداوار وڌائڻ، عالمي معيشت کي وڌائڻ، واپار ۽ صنعت کي فروغ ڏيڻ جي لا هنگامي قدمن جي حمايت ڪن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي بحرانن ترقي جي لا فنانسنگ ۾ فرق کي وڌائي ڇڏيو آهي. هن بين الاقوامي برادري تي زور ڏنو ته اها پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لا مناسب وسيلن کي متحرڪ ڪري ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي عزم کي مڪمل ڪري. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين سان گڏ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لا پاڪستان جو عزم ورجايو، جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري تي تيزي سان عملدرآمد پڻ شامل آهي، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته اسان سي پيڪ جي ذريعي چين سان تعاون وڌائڻ، پائيدار ترقي جي هدفن جي قومي نفاذ کي اڳيان وڌائڻ جي لا پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. ٻئي پاسي چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان جو نئون پرڏيهي وزير بڻجڻ تي مبارڪن جو پيغام موڪليو آهي،. چيني ميڊيا مطابق وانگ اي چيو ته چين ۽ پاڪستان چئني موسمن جا بي مثال اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن، دوستي بين الاقوامي تبديلين جي آزمائشن مان گذري چڪي ۽ هميشه هڪ جبل جيان مضبوط رهي آهي، چين سدائين پاڪستان کي پاڙيسري سفارتڪاري ۾ ترجيح ڏيندو رهندو، پنهنجي اقتدار اعليٰ، سلامتي ۽ قومي وقار جي حفاظت ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت جاري رکندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close