جهول: جهول لڳ ڳوٺ الطاف حسين رند ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب 10 گهرن کي باهه لڳي وئي. رپورٽ موجب جهول ٿاڻي جي حد ڳوٺ الطاف حسين رند ۾ چلهھ مان چڻنگ اٿڻ سبب 10 گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب اعظم، عزيز، خميسو، وسند، گل خاصخيلي، علي نواز رند ۽ پريو رند سميت 10 ماڻهن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ جو اطلاع جهول ٿاڻي تي ڏنو ويو، اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي نه پهتي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. گهرن ۾ پيل اناج، سونا زيور ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان رک ٿي ويو. گهر سڙڻ بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا سرڪاري ڪاموري سندن سار نه لڌي آهي. متاثرن ڊي سي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close