ميھڙ: ميھڙ ۾ فريدآباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي باهه متاثرن جا چيڪ پاس نه ٿي سگھيا، جنهن خلاف متاثرين اميد علي چانڊيو، بهار خان چانڊيو، رستم چانڊيو ۽ صوفن چانڊيو احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاق طرفان باهه ۾ سڙي فوت ٿيل 10 ڄڻن جي وارثن کي مليل امدادي چيڪ 23 ڏينھن گذرڻ باوجود به پاس نه ٿي سگهيا آھن، ڊي سي دادو مرتضيٰ شاهه اسان جا چيڪ ڦٻائڻ چاهي ٿو، اسان جي ڪابه واھر نه پئي ڪئي وڃي، اسان کي زورانو گهرائي دربدر ڪري واپس موٽايو وڃي ٿو. متاثرين وڌيڪ چيو ته اسان جي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو سهائتا کان رهجي ويا آهن، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. متاثرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته اسان جي ڳوٺ جي فوج جي نگراني ۾ نئين سروي ڪرائي وڃي ته جئين حقدار تائين حق پهچي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close