پاڪستانسنڌ

پيپلز پارٽي هر وقت اليڪشن لا تيار آهي:امام الدين شوقين

سانگھڙ: ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سانگهڙ ضلعي مان مخالفن کي شڪست ڏينداسين، سانگهڙ ضلعو پ پ جو قلعو بڻجي ويو آهي، تيل ڪمپنين مان سانگهڙ ضلعي کي 277 اسڪيمون ڏنيون ويون آهن. اهڙو اظهار سانگهڙ ضلعي جي آئل اينڊ گئس جي چيئرمين ۽ سينيٽر امام الدين شوقين هرداساڻي هائوس پهچي تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اقليتي اڳواڻ راجيش ڪمار هرداساڻي کي مبارڪباد ڏيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته راجيش جي اچڻ سان سانگهڙ ضلعي اندر پ پ مضبوط ٿيندي، پ پ کي راجيش جهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تيل ڪمپنين مان سانگهڙ ضلعي کي هڪ ارب 20 ڪروڙ جون 277 اسڪيمون ڏنيون آهن، جن مان تعليم جي ڀلائي لا 25 کان وڌيڪ اسڪيمون آهن. تحريڪ انصاف اليڪشن جي تيارين ۾ وڃي رهي آهي، ڀلي شوق پورو ڪري، پ پ اليڪشن لا هر وقت تيار آهي، جيڪا پارٽي عوامي پارٽي هجي، ان کي اليڪشن جو ڪو ڊپ ناهي. پ پ اڳواڻ ۽ ٽڪيٽ هولڊر معشوق چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سانگهڙ ۾ پيپلز پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن، اها مخالفن جي هڪ پروپيگنڊه آهي. ايم اين اي نويد ڏيرو سان ڪي به اختلاف ناهن، عابد فاروق اسان جو ماڻهو آهي، پ پ کي ڇڏي ڪنهن پارٽي ۾ نه ويندو. ان موقعي تي مارڪيٽ ڪميٽي جو وائيس چيئرمين اقبال يوسفزئي، محراب چانڊيو، محمد خان چانڊيو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button