پاڪستانسنڌ

بي بي فاطمه زهرى سلام عليها جي روضي جي تعمير لا مظاهرا

حيدرآباد: بي بي فاطمه زهرى سلام عليها جي روضي مبارڪ جي تعمير لا مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ مقصودو رند ۾ مرڪز ولايت علي پاڪستان سنڌ يونٽ مقصودو رند جي اڳواڻن زوار خدابخش رند، علي محمد رند، علي نواز رند، محمد اسماعيل زرداري ۽ ذاڪر آفتاب حسين زرداري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سعودي حڪومت بي بي فاطمه زهرى سلام عليھا جي قبر کي مسمار ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. سعودي سرڪار اڃا تائين روضو تعمير نه ڪرايو آهي. ميھڙ ۾ امتياز علي شيخ، افضل شاهه، زين العابدين شاھه، ثابت علي شاھه، شفقت عباس، زوار نويد جتوئي ۽ زوار شاھد پنھور جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. رتوديرو ۾ مسجد علي کان احسان علي شاهه، اسد گل شاهه، ڪبوتر جلباڻي، ببلو چانولي ۽ تنوير سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button