پاڪستانسنڌ

ايوان زراعت سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو ذميوار واپڊا کي قرار ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد: ايوان زراعت سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو ذميوار واپڊا کي قرار ڏئي ڇڏيو، پنجاب پاران چشما جهلم لنڪ کولڻ تي سخت احتجاج، سنڌ جي 2 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ تي ڌاڙو، سنڌ ۾ ٽنهي بئراجن تي پاڻيءَ جي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهچي وئي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي لکين ايڪڙ ڪمانڊ ايريا شديد متاثر، ارسا اختيارين ۽ وفاقي پاڻي بجلي وزارت کان فوري طور سنڌ لاءِ چشما کان هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪري سنڌ مان ڪربلا واري صورتحال کي ختم ڪرڻ ۽ ايندڙ سال آڳاٽي خريف لاءِ تربيلا ڊيم ۾ 5 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ايوان زراعت سنڌ هيڊڪوارٽر حيدرآباد مان جاري ڪيل پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت ٽنهي بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي آباد ٿيندڙ لکين ايڪڙ ڪمانڊ ايريا شديد متاثر ٿي آهي.

هن چيو ته ارسا اختيارين چشما وٽان سنڌ لاءِ 67 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي، جيڪو ناڪافي آهي ۽ اهو پاڻي سنڌ ۾ هلندڙ مئي مهيني جي آخر ۾ پهچندو، سنڌ کي هن وقت فوري طور تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آهي، جنهن سان سڪي سڙي تباهه ٿيندڙ فصلن کي ڪجهه حد تائين بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جي 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، جنهن تي ايوان زراعت سنڌ سخت احتجاج ڪري ٿو، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جو مک ذميوار واپڊا جو ادارو آهي، هن چيو ته پهرين مارچ کان ارلي خريف جي مند شروع ٿئي ٿي، ان وقت ڊيم خالي هوندو آهي، واپڊا بجلي جي پيدوار لاءِ پنهنجو پاڻي ذخيرو ڪرڻ بدران خريف جي مند ۾ اسان جو پاڻي بجلي لاءِ استعمال ڪري ٿو، هن چيو ته ايوان زراعت سنڌ پنهنجو پراڻو مطالبو ورجائيندي مطالبو ڪري ٿو ته سنڌ کي آڳاٽي خريف لاءِ 5 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي تربيلا ۾ ذخيرو ڪيو وڃي ته وقت تي سنڌ کي ارلي خريف لاءِ پاڻي ملڻ سان وونئڻن، مرچن، ڀاڄين، ڪمند، انبن جي باغ سميت ٻين فصلن کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي. هن چيو ته واپڊا هميشه تربيلا ڊيم کي جنوري ۽ فيبروي ۾ ڊيڊ ليول تي آڻي ڇڏي ٿو ۽ اهو پاڻي بجلي لاءِ استعمال ڪري ٿو، فيبروري ۾ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي ليول زيرو ٿئي ٿي، جنهن سان سنڌ ۾ پاڻي فراهمي ناهي ٿيندي، جنوري ۽ فيبروي ۾ اسڪردو ۾ گرمي پد زيرو هوندو آهي، ان وقت اسڪردو مان پاڻي 12 هزار ڪيوسڪ کان مٿي تربيلا سسٽم ۾ اچي ٿو، ڪابل درياهه ۾ 6 هزار ڪيوسڪ ٽوٽل 18 کان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي سسٽم ۾ ايندو آهي، جيڪو ناڪافي آهي، سنڌ جا فصل بچائڻ لاءِ ايندڙ سال کان آڳاٽي خريف لاءِ 5 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي تربيلا ۾ رکيو وڃي ته جيئن فصل بچائي سگهجن، ارلي خريف ۾ واپڊا کي ذخيرو ٿيل پاڻي استعمال ڪرڻ نه ڏنو وڃي.

هن چيو ته هن وقت به سکر جا رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال بند پيا آهن، روهڙي ۽ نارا ڪئنالن تي به 21 ڏينهن جي وارا بندي هلي پئي، جنهن سان روهڙي ۽ نارا ڪئنال تي فصل سڪي سڙي تباهه ٿي رهيا آهن، هن چشما وٽان سنڌ لاءِ 67 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ کي ناڪافي قرار ڏيندي ارسا اختيارين ۽ پاڻي بجلي وفاقي وزارت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور سنڌ لاءِ چشما کان هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي، هن سنڌ جي آبپاشي کاتي جي اختيارين کان پڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورن ڪئنالن تان پاڻيءَ جي وارا بندي ختم ڪئي وڃي، ڪوٽڙي بئراج تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سارين جي فصل جي پوک ٿي سگهي. ايماندار عملدار مقرر ڪري پاڻي پڇڙي ۾ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button