پاڪستانسنڌ

ڪمزورين باوجود پارليامياني اتحاد ٺاهڻ گهرجي: قادر مگسي

حيدرآباد: قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين جو پارلياماني اتحاد جوڙڻ جي سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني ۾ مختلف قومپرست سياسي جماعتن ۽ فورمن جو اجلاس ايس ٽي پي سربراھھ ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ھيٺ حيدرآباد جي مقامي ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽرعزيز ٽالپر، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاھھ، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ عالم خان بروھي، سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ عبدالمومن ميمڻ، عوامي راڄ پارٽي جي اڳواڻ خليل احمد شاھھ، انڊس ڪانگريس جي اڳواڻ مصطفيٰ سومرو، سنڌ فار سوشل چينج فورم جي اڳواڻ ذوالفقار ھاليپوٽو، ڊاڪٽر شفقت عباسي، ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي قادر چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏھن تھ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ پورھيت مزاحمت اجلاس ۾ شرڪت نھ ڪئي. ھي اجلاس اڳ ۾ طئھ ٿيل ۽ ھن اجلاس ۾ اتحاد جي نالي، جھنڊي ۽ منشور جو باضابطھ طور اعلان ٿيڻو ھو، پر ٻن جماعتن جي اجلاس ۾ غير حاضري ۽ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو جي اجلاس ۾ شريڪ نھ ٿي سگھڻ جي ڪري اتحاد جو اعلان نھ ٿي سگھيو.

اجلاس کانپوءِ ايس ٽي پي سربراھھ ڊاڪٽر قادر مگسي بريفنگ ڏيندي چيو تھ سنڌ ۾ قومپرست، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ڌرين جو پارلياماني اتحاد جوڙڻ جي سلسلي ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، اجلاس جي سلسلي ۾ 2 گڏجاڻيون اڳ بھ ٿي چڪيون آھن، اڄ اسان کي اتحاد کي حتمي شڪل ڏئي سنڌ کي ھڪ نئون پيغام پھچاڻو ھو، پر ٻن سياسي جماعتن ايس يو پي ۽ پورھيت مزاحمت جي غير حاضري ۽ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو جي ڪن ذاتي مجبورين جي ڪري شرڪت نھ ڪري سگھڻ جي ڪري ڪو حتمي اعلان نھ پيا ڪريون، اسان جي ڪوشش آھي تھ اتفاق راءِ سان ھي اتحاد جوڙجي ۽ ان کي اڳتي ھلائجي، ان ڪري اھو فيصلو ڪيو آھي تھ ان سلسلي ۾ 20 مئي تي ٻيھر اجلاس سڏايو ويندو، جنھن ۾ اھم فيصلا ڪيا ويندا ۽ سمورين پارٽين جي قيادت کي اھا گذارش ڪئي ويندي تھ ھو اجلاس ۾ شرڪت ڪن. ھن چيو تھ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ پارٽين ۽ فورم تي ٻڌل 10 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي وئي آھي، جنھن ۾ ھر جماعت ۽ فورم جو ھڪ ھڪ ميمبر کنيو ويو آھي، ھي ڪميٽي سنڌ سمورين سياسي جماعتن سان رابطو ڪندي ۽ اتحاد جي سلسلي ۾ ڳالھھ ٻولھھ کي اڳتي وڌائيندي. ھن چيو تھ اسان جي ڪوشش آھي تھ جيڪڏھن اسان اليڪشن ۾ وڃون تھ اسان جو ھڪ اتحاد جڙيل ھجي جنھن جو چونڊ نشان، جھنڊو ۽ منشور ھڪ ئي ھجي، اسان کي اميد آھي تھ اتحاد ضرور ٺاھينداسين ۽ گڏجي اڳتي ھلنداسين جيڪي بھ جماعتون شامل ٿينديون اھي گڏ ھلنديون. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ ھي ئي وقت آھي تھ پارلياماني اتحاد ٺاھجي، سنڌ جي ماڻھن کي ھڪ اتساھھ گھرجي ٿو، ڀلي پارلياماني سياست جي حوالي سان اسان ۾ ڪمزوريون ھجن پر ڪوشش ضرور ڪرڻ گھرجي، سنڌ جي ماڻھن جي اسرار ۽ خواھشن کي نظر ۾ رکندي اسان ھي اتحاد ٺاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون.

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تھ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي سمورا بندوبست ڪري ڇڏيا آھن، حدبندين تي تمام گھڻيون شڪايتون آھن، تڪراري حدبندين جي ھوندي چونڊون ڪرائڻ خلاف عدالتن ۾ جيڪي بھ درخواستون داخل ٿيل آھن اسان انھن جي حمايت ڪيون ٿا. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ان چئلينج بڻيل آھي، جنھن جي ڪري سنڌ جا ماڻھو تمام گھڻو ڀوڳي رھيا آھن، سنڌ وسيلن سان مالا مال ھجڻ جي باوجود سنڌ جا ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، سنڌ جا ماڻھو نيوٽريشن جو شڪار ٿي ويا آھن، اسپتالون ٺيڪن تي ڏنيون ويون آھن، نوڪريون پيسن تي وڪرو ڪيو پيون وڃن، ان سڄي صورتحال ۽ پارلياماني محاذ تي پيپلزپارٽي کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ ھي اتحاد ٺاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button